رپورٽ:ملير: پوليس جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار، هٿيار ۽ لکين رپيا روڪ هٿ

ملير ويجهو پوليس مختلف ڪاررواين دوران ڦرن ۽ چوري جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن سندن قبضي مان هٿيار ۽ لکين رپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

 ايس ايس پي ملير پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تھ ڪرسچن ڪالوني ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار ۽ هڪ لک 85 هزار رو هٿ ڪئي وئي.

هن ٻڌايو تھ ٻئي جوابدار مزدوري جي آڙ  ۾ گهرن مان ڦر ۽ چوري ڪندا هئا.

ايس ايس پي چيو تھ جوابدارن بغدادي ٿاڻي جي علائقي مان 10 فروري تي هڪ گهر ۾ ڦر دوران 26 لک رپيا ڦر ڪئي هئي.

هن چيو تھ گرفتار جوابدارن ۾ ايز علي ۽ گلفام شامل آهن…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.