صبح جي معمولي سمجهي ويندڙ غلطي انتهائي خطرناڪ آهي

ايٿنز (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏينهن جي شروعات جيڪڏهن توانائي سان ڀرپور نيرن سان ڪجي ته دل جي مرض کان محفوظ رهي سگھجي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب هڪ تحقيقي مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته توانائي سان ڀرپور نيرن ڪندڙ ماڻهن جي دل نيرن نه ڪندڙ ماڻهن يا گھٽ نيرن ڪندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحتمند رهندي آهي.

اها تحقيق يونان جي ايٿنز يونيورسٽي جي دل واري شعبي جي ماهرن پاران ڪئي وئي هئي جنهن لاءِ 2 هزار ماڻهن جي چونڊ ڪئي وئي.

ماهرن انهن 2 هزار ماڻهن جي دل جي صحت جو جائزو ورتو ويو، جنهن مان ثابت ٿيو ته معمول جي خوراڪ دراون پنجون حصو توانائي سان ڀرپور نيرن ڪندڙ ماڻهن جي دل جون ڀتيون ۽ شريانيون وڌيڪ مضبوط ۽ صحتمند هيون.

صحت مند دل وارن ماڻهن جي نيرن ۾ کير، پنير، زرعي جنسون، ماني ۽ ماکي جهڙي خوراڪ شامل هئي.

ريسرچ جي نتجين مان اهو ثابت ٿيو ته نيرن نه ڪندڙ ماڻهن ۾ 15 سيڪڙو دل جي شريانين ۾ غير معمولي تبديلي ظاهر ٿي ۽ اهڙن ماڻهن جي دل جون ڀتيون به ڪمزور هيون.

اهڙيءَ ريت نيرن نه ڪندڙ ماڻهن جي نڙي جي چوڌاري چرٻي جو گھڻو مقدار گڏ ٿي ويندو آهي جيڪو دل جي عارضي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

ريسرچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر سوتيريوس ٻڌايو ته تحقيق جا مڪمل نتيجا ايندڙ هفتي آمريڪن ڪاليج آف ڪارڊيولاجي (اي سي سي) جي سالياڻي اجلاس دوران پيش ڪيا ويندا.

ڊاڪٽر سوتيريوس دل جي مرض کان محفوظ رهڻ لاءِ توانائي سان ڀرپور نيرن تجويز ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.