قبائلي علائقي باجوڙ ۾ ٿري جي سروس جي شروعات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائيل ضلعن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو واعدو پورو ٿي ويو آهي. باجوڙ جي تعلقي خواڙ ۾ ٿري جي سروس فراهم ڪئي وئي آهي. عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته گذريل جمعي تي باجوڙ ۾ جلسي دوران ٿري جي سروس شروع ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. ان کان اڳ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان به چيو هو ته وزيراعظم عمران خان جي هداتن جي روشنيءَ ۾ باجوڙ ۾ ٿري جي نيٽ ورڪ جاري ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، قبائلي نوجوانن کي ٿري جي سروس مبارڪ هجي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ قبائيل نوجوانن جي خواهش تي باجوڙ ۾ ٿري جي سروس هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته باجوڙ جلسي ۾ وزيراعظم عمران خان کان درخواست ڪئي  وئي هئي. سڀاڻي کان باجوڙ ۾ سروس مهيا ڪئي ويندي. هن چيو هو ته قبائلي عوام جا ٻيا مطالبا به تيزي سان پورا ڪنداسين، بجلي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ گرڊ اسٽيشن جي تعمير به ترت مڪمل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.