ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل فون نيٽ ورڪ جو پنجون نسل يعني “فائيو جي” اچڻ وارو آهي جنهن سان واهپيدار هاءِ فريڪئونسي ۽ بينڊ ويٿ ذريعي تيز ترين انٽرنيٽ مان مزو وٺندا ۽ ڊيٽا ڊائون لوڊ ۽ اپ لوڊ جي رفتار به في سيڪنڊ 10 گيگابائٽ تائين هوندي پر اها ٽيڪنالوجي پنهنجن نقصانڪار اثرن سبب خطرناڪ آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب فائيو جي جتي تيز ترين نيٽ فراهم ڪندي اتي ان جا خراب اثر به خطرناڪ ٿي سگھن ٿا ڇو ته موجودهه وقت جي “نيٽس” ۾ 7 سئو گيگا هرٽس کان 6 سئو گيگا هرٽس جي فريڪوئنسي استعمال ٿيندي آهي پر فائيو جي ۾ اها فريڪوئنسي 28 کان 100 گيگا هرٽس وچ ۾ هوندي ۽ اها فريڪوئنسي انساني صحت تي نقصانڪار اثر وجهندي آهي. انٽرنيٽ جو وڌندڙ استعمال ۽ بي لگام فريڪوئنسي تي ڳڻتيءَ جو شڪار سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به ٽيڪنالوجي جي پکيڙ سان ان جا انساني صحت ۽ ماحول تي پوندڙ اثر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اجازت ڏيڻ گھڙجي. تازو ئي سموري دنيا مان 250 سائنسدانن گڏيل قومن ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن ۾ سمارٽ فون مان نڪرندڙ شعاعن سبب ڪينسر جو مرض ٿيڻ جو انڪشار ڪيو ويو هو. گڏيل قومن ۾ جمع ڪرايل ان پٽيشن تي صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) به صحيحيون ڪيون هيون. ماهرن وڌيڪ خبردار ڪيو آهي ته سمارٽ فون يا وري ريڊيو انٽينا مان نڪرندڙ شعاع برقي مقناطيسي ميدان پيدا ڪندا آهن جيڪي انساني صحت ۽ ماحول لاءِ گھڻا نقصانڪار ثابت ٿي سگھن ٿا جن ۾ ڪينسر جو وڌندڙ خطرو، سيلولر اسٽريس، خطرناڪ ماليڪيول خارج ڪرڻ، جينياتي نقصان، ريپروڊڪٽوسسٽم جي فعاليت ۾ تبدليون، سکڻ ۽ ياداشت جي عمل ۾ ڪمزوري شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته اها فريڪيوئنسي انساني عضون واري نظام تي اثرانداز ٿيندي جنهن سان حواسن ۾ خرابي جو خطرو ۽ اهي انساني روين ۾ تبديلي به ثابت ٿي سگھي ٿي. ڪيترائي مرض فور جي سبب ئي ظاهر ٿي چڪا آهن7 ۽ فائيو جي ان کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ٿري جي کان ڏهوڻ تي تيز ۽ جي کان هڪ هزار ڀيرا تيزي سان ڪم ڪندي.

Prev Post
Next Post
You might also like