غيرت جي نالي تي 3 ڄڻا قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي تحصيل شانگلا ۾ مبينا طور تي غيرت جي نالي تي هڪ شخص پنهنجي ڌيءَ ۽ گهرواري سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

3 قتلن جو واقعو تحصيل شانگلا ۾ ماخوئي جي علائقي شيڪو لائي ۾ پيش آيو.

چائوگاهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او بخت حليم ميڊيا کي ٻڌايو ته مقامي ماڻهن طرفان پوليس کي آگاهه ڪيو ويو هو ته قتل جو واقعو شيڪولائي ۾ پيش آيو آهي، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي.

هن ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ پوليس کي 2 عورتن، رخسانه ۽ صادقه جا لاش مليا، جيڪي جوابدارن جي گهرواري ۽ ڌيءَ جا آهن جڏهن ته اهن کان 100 فٽ جي فاصلي تي جوادبار جي وجهي ماٽئن نور زايل جو لاش روڊ تي مليو.

پوليس آفيسر ٻڌايو ته لاش کي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي.

هن چيو ته پوليس عبدالصبور جي خلاف پاڪستاني پينل ڪوڊ جي قلم 302 جي تحت قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪارورائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ته جوبدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو هو. ايس ايڇ او ٻڌايو ته مقتولا رخسانه جي عمر 36 سال ۽ سندس ڌيءَ صادقه جي عمر 18 سال هئي جڏهن ته مارجي ويل شخص جي عمر 38 سال هئي.

پوليس آفيسر ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ هو ته سندس ڌي ۽ گهرواري جا سندن ويجهي مائٽ سان ناجائز لاڳاپا هئا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ جاري آهي پر هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

You might also like