شاهين گهر ۾ ئي ڍير، سريلنڪا سيريز کٽي ورتي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 36 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

لاهور ۾ کيڏيل ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا طرفان راجا پاڪسي 77 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جئي سوريا 34، ڪپتان شناڪا 27 ۽ گناٿلاڪا 15 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سريلنڪا پاڪستان کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ 64 رنسن تان هارائي ڇڏيو

پاڪستان طرفان عماد وسيم، وهاب رياض ۽ شاداب خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستاني ٽاپ آرڊر هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ثابت ٿيو ۽ قومي ٽيم جون 52 جي مجموعي اسڪور تي 5 وڪيٽون ڪِري پيون.

بابر اعظم 3، فخر زمان 6، احمد شهزاد 13، ڪپتان سرفراز احمد 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته عمر اڪمل گذريل ميچ جيان پهرين ئي بال تي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.

ان موقعي تي عماد وسيم ۽ آصف علي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور 127 تائين پهچائي ڇڏيو پر 47 رنسون ٺاهيندڙ عماد وسيم مهمان پيسر اسورو اڊانا جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سريلنڪن بالرن کي پاڪستاني اننگز جي خاتمي ۾ گهڻي دير نه لڳي.

آصف علي 29، وهاب رياض 7 ۽ محمد حسنين هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شاداب خان کي کاتو کولڻ بنا ڪريز ڇڏڻي پئي.

سريلنڪا طرفان نوان پرديپ بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته وننڌو هسارنگا 3 ۽ اسورو اڊانا ٻه شڪار ڪيا.

پاڪستاني ٽيم 19 اوورن ۾ 147 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، اهڙي ريت سريلنڪن ٽيم ٻي ميچ ۾ 35 رنسن تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪندي سيريز به پڻ کٽي ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.