لاهور پهرين نمبر تي اچي ويو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ 2 مهينن ۾ ٽائيفائيڊ جي مرض ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. پنجاب جي صحت کاتي جي رپورٽ موجب پنجاب ۾ 2 مهينن ۾ ٽائيفائيڊ جا 57 هزار 716 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن ۾ لاهور پهرين نمبر تي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري کان فيبروري تائين 7 هزار 345 مريض ٽائيفائيڊ ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته شيخوپوره ۾ ٽائيفائيڊ جا 5 هزار 530 ۽ اوڪاڙا ۾ 3 هزار 483 ڪيس سامهون آيا آهن. طبي ماهرن شهرين کي هدايت ڏني ته ٽائيفائيڊ کان بچڻ لاءِ پاڻي کي اُٻاري پيئو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شين کان پاسو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.