جسم جو خاص حصو ڪراڙپ تائين به جوان هوندو آهي

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ٽيتاليه کان ستاسي سالن جي عمر تائين جي ماڻهن جي دماغ جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته پوڙهائپ تائين به نوان دماغي سيل “نيورانس” ٺهندا رهندا آهن.

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته بالغ ماڻهو دماغي ڌڪ يا حادثي کان پوءِ ٻيهر ٺيڪ ٿي سگھن ٿا ۽ انهن جي بحالي جي شرح به وڌي سگھي ٿي. جيتوڻيڪ سموري زندگي ۾ نوان گهرڙا (سيل) ٺهندا رهندا آهن.

دماغي ماهرن جو خيال هو ته وڏي عمر ۾ نوان خليا يا نيورونز ٺهڻ بند ٿي ويندا آهن. پر اسپين ۾ سيويرو اوڪوا ماليڪيولر بائيلوجي سينٽر سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر ماريا لورينز مارٽن تيرهن اهڙن ماڻهن جي دماغن جو مطالعو ڪيو جيڪي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا هئا.

انهن ماڻهن جون عمريون 43 کان 87 ورهين تائين هيون. ماهرن احتياط سان انهن دماغن کي ڏٺو ۽ انهن ۾ نون خلين جي ٺهڻ جو جائزو ورتو. مطالعي ۾ دماغ جي هڪ حصي “هيپوڪيمپس” جو جائزو به ورتو ويو جتي نوان خليا جنم وٺندا آهن.

ماهرن نيورون ٺاهيندڙ پروٽين جو جائزو ورتو ۽ خبر پئي ته پروٽين به ٺهي رهيو هو ۽ دماغ ۾ هزارين نوان خليا ٺهڻ جو عمل به ڏٺو ويو آهي. ماهرن دماغي خلين جي ٺهڻ کي “نيوروجينيسس” جو نالو ڏنو آهي.

ڊاڪٽر ماريا موجب سندس جي ٽيم پوڙهن ماڻهن جي دماغن ۾ به نوان خليا ٺهندي ڏٺا آهن. ان کان اڳ اهو دريافت ٿي چڪو آهي ته 90 سالن جا ماڻهو به نئين يادداشت جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.