لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻار جي دل جي تصوير ڪڍڻ لاءِ نه رڳو جديد ٽيڪنالوجي تيار ڪئي پر ٻار جو علاج ڪري طب جي دنيا ۾ حيران ڪندڙ عمل سرانجام ڏئي ڇڏيو.. لنڊن جي ڪنگ ڪاليج ۾ ڳورهاري عورت جي ايم آر آءِ ۾ ٻار دل جي حرڪت اڻ ترتيب محسوس ٿي جنهن تي ٻار جي دل جي تصوير ڪڍڻ جو سوچو ويو پر اهو عمل گھڻو ڏکيو هيو ڇو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ننڍڙي ٻار جي دل جي تصوير ڪڍڻ ناممڪن هو جڏهن ته ٻار پنهنجي پوزيشن به تبديل ڪري رهيو هو. ماهرن ٻار جي دل جي تصوير ڪڍڻ لاءِ ايم آر آءِ ۽ هڪ نهايت طاقتور 3- ڊي ڪمپيوٽر جي مدد حاصل ڪئي وئي، پهريان 2- ڊي تصوير ڪڍڻ مختلفن رخن ڏي وٺي وئي ۽ گھڻي چٽي نه هئي جنهن کان پوءِ دل جي ڌڙڪي جي مدد سان ٿري ڊي تصوير ڪڍي وئي جنهن سان ڊاڪٽرن مرض ڳولهي ورتو. تصوير ۾ صاف ظاهر هو ته ماءُ جي پيٽ ۾ موجود 20 هفتن جي ٻار جي دل کي رت پهچائيندڙ شريانين ۾ خرابي هئي جڏهن ته ان جي دل ۾ ٻه سوراخ به هئا. ڊاڪٽرن ڄمڻ کان اڳ دوائن ذريعي ٻار جي دل جي پٺن کي مضبوط ۽ شريانين جي خرابي کي ختم ڪيو. ڄمڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن ٻار جي دل جو آپريشن ڪري دل جي سواخ جي پيچيدگي جو علاج ڪري ٻار کي مرض کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ هاڻي ٻار 11 مهينن جي صحت مند ٻارڙي آهي جنهن جي دل کي ڪنهن قسم جو خطرو ناهي. ان کان اڳ دل جون بيماريون ٻارن جي جوان ٿيڻ کان پوءِ ظاهر ٿينديون هيون ۽ تيستائين مرض پيچيدا شڪل اختيار ڪري وٺندو هو.

You might also like