پاڪستان ۾ ٽيون ليور ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪامياب….

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور ۾ ٽيون ليور ٽرانسپلانٽ آپريشڻ ڪامياب ٿي ويو، پنجاب جي صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته ليور ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ جي خواهشمند مريضن کي لکين رپيا خرچ ڪري ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. تفصيل موجب پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور ۾ ٽيون ليور ٽرانسپلانٽ آپريشن ڪامياب رهيو آهي، ليور ڊونر ۽ مريض ٻئي صحتياب آهن، ليور ٽرانسپلانٽ آپريشن سرجن ڊاڪٽر فيصل ڊار ڪيو. پنجاب جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور ۾ پهرين ۽ ٻئين ليور ٽرانسپلانٽ ڊونرن کي صحتيابي بعد ڊسچارج ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جو آغاز انتهائي خوشي ڏيندڙ آهي.  ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ليور ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ جي خواهشمند مريضن کي لکين رپيا خرچ ڪري پرڏيهه وڃڻو نه پوندو، ليور ٽرانسپلانٽ جي ڪامياب آپريشن تي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جي انتظاميا ۽ آپريشن ڪندڙ ٽيم واڌاين جي مستحق آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.