اکين جا زخم ختم ڪرڻ لاءِ کنئور جو استعمال

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) اکين ۾ زخم ۽ ٻين نقصانن جي صورت ۾ هڪ سرجري جي ضرورت پوندي آهي. پر هاڻي ماهرن حياتياتي طور تي هڪ اهڙي جيل (کئونر)تيار ڪئي آهي جيڪا اکين جي ڌڪ کي ٺيڪ ڪري سگھي ٿي ان جي استعمال سان اک جي پتلي جي منتقلي واري آپريشن جي ضرورت به ختم ٿي ويندي آهي.

سائنس ايڊوانسز “جيل ڪور” بابت لکيو آهي جيڪا هڪ کئونر جهڙي جيل تي ٻڌل آهي ۽ روشني سان متحرڪ ٿي ڪري جيل اک جي پتلي جا زخم ڀري ۽ ڪٽجڻ جي عمل کي ختم ڪندي آهي. گڏ ئي اها جيل پتليءَ جي ٽشوز جي واڌ ويجهه ڪندي آهي. پر ان کي انسانن تي ناهي آزمايو ويو.

ماهرن جو خيال آهي ته جلد يا دير سان اها ايجاد پتليءَ جي سرجري کان به نجات ڏياريندي جن ۾ پتليءَ جي منتقلي جهڙو پيچيدا آپريشن به شامل آهي.

هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪلائس ايچ دولمان ۽ مساچوسٽن اک ۽ ڪن جي اسپتال جي ڊاڪٽرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو بايو مٽيريل آهي جيڪو  پتليءَ  جي زخم سان چنبڙي ويندو آهي ۽ اتي خلين جي واڌ ويجهه ڪندو آهي.

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هر سال پتليءَ جي خرابي سبب متاثر ٿيندڙ 15 لکن کان وڌيڪ واقعا ظاهر ٿيندا آهن. في الحال پلتيءَ ۾ سوراخ، ڪمزوري، زخم سميت ٻين خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ ليزر ۽ ٻين طريقن سان جراحي ڪئي ويندي آهي. ان ڪري اها کنوئر هڪ بهترين متبادل آهي. پوءِ پتليءَ جي منتقلي ۾ انفيڪشن ۽ رد ڪرڻ جو خطرو موجود رهندو آهي.

تجربي طور تي ان جيل کي گھڻو اثرائتو قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن متاثر پتليءَ تي ان کي لڳايو ويو ته 3 ملي ميٽرن جو زخم ان درست ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اک بهتر ٿي وئي ۽ سڙڻ جا آثار به نه ڏٺا ويا. سڀ کان بهتري ڳالهه اها آهي ته جڏهن ان جيل تي روشني وڌي ويندي آهي تڏهن ئي اها سرگرم ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.