لياري جون عورتون به ميدان ۾ اچي ويون…. پر ڇو؟ خبر پڙهندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ فٽبال سان جنون جي حد تائين شوق رکڻ سبب مني برازيل چورائيندڙ علائقي لياري جي عورتن ان راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويون. فٽبال ٽورنامنٽ ۾ کيڏيل ميچن ۾ لياري جي رانديگرياڻين وڏي انگ ۾ حصو ورتو ۽ عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ٽورنامنٽ جو فائنل مقابلو جعفر ڪلب ۽ ايم ايل او ڪلب وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ پينلٽي ڪڪس تي ايم ايل او ڪلب ڪاميابي حاصل ڪئي. راند ۾ حصو وٺندڙ رانديگرياڻين جو چوڻ هو ته فٽبال راند ۾ لياري جا ڇوڪرا ئي نه پر ڇوڪريون به بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن، هاڻي لياري جي ڇوڪرين تي ڪو به دٻاءُ ناهي. رانديگرياڻين جي استاد ايونٽ آرگنائيزر ماهين بلوچ چيو ته جيستائين اسان نياڻين کي سرگرمين جا موقعا نه ڏينداسون، انهن جي ٽئلينٽ کي سامهون نٿا آڻي سگھون تيستائين اسان اڳتي نٿا وڌي سگھون. ٽورنامنٽ ۾ خيبرپختونخواهه سان واسطو رکندڙ رانديگرياڻين جو چوڻ هو ته هنن کي گھرڀاتين طرفان مڪمل سهڪار حاصل آهي ۽ اهي چاهين ٿيون ته ٻيا والدين به پنهنجي ٻارن کي راندين جي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ ڇو جو جڏهن رانديگر گھڻا هوندا ته راند سٺي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن لاءِ به فٽبال ٽورنامنٽ گھڻي کان گھڻا ٿيڻ گھرجن. ٽورنامنٽ جي فائنل ۾ عورت پوليس آفيسر غزالا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ رانديگرياڻين ۾ انعام ورهايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.