پيپلز پارٽي جي دور جي 269 ملازمن جي ڀرتي غير قانوني قرار…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي دور ۾ پاڪستان ايگري ڪلچر ريسرچ ڪونسل ( پي اي آر سي) ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن جي لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ 269 ملازمن جي ڀرتي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس عامر فاروق ۽ محسن اختر ڪياني محفوظ فيصلو ٻڌايو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جي جج جسٽس ميان گل اورنگزيب ڀرتي غير قانوني قرار ڏئي درخواست خارج ڪري ڇڏي هئي.

ملازمن سنگل بينچ جي فيصلي جي خلاف ڊويزن بينچ ۾ اپيل داخل ڪري رکي هئي.

پيپلز پارٽي جي دور ۾ خورشيد شاهه ڪميٽي ملازمن جي ڀرتي قانوني قرار ڏئي بحال ڪيو هو، ملازمن کي 2008ع کان 2010ع جي وچ ۾ پي اي آر سي ڀرتي ڪيو ويو.

23 مئي 2011ع تي ملازمن کي فوڊ سيڪيورٽي وزارت غير قانوني قرار ڏئي فارغ ڪيو. خورشيد شاهه ڪميٽي 2012ع ۾ ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو هو.

2018ع ۾ پي اي آر سي جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف ظفر ٻيهر انڪوائري شروع ڪئي ته ملازمن انڪوائري جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like