لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اڳوڻي رانديگر شعيب اختر آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم هٿان سيريز ۾ شڪست کان پوءِ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي مايوسي جو اظهار ڪندي فائديمند مشورو ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ شعيب اختر چيو ته “آسٽريليا خلاف پاڪستان جي ڪارڪردگي تي گھڻي مايوسي ٿي آهي. نون رانديگرن کي اهڙي وقت آزمايو پيو وڃي جڏهن ورلڊ ڪپ ۾ ٿورو وقت رهجي ويو آهي. ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيم کي پنهنجو فوڪس واپس حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته آسٽريليا پاڪستان کي پنجن ون ڊيز تي ٻڌل شروعاتي ٽن ميچن ۾ شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي جنهن سبب نه رڳو قومي ٽيم کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪوچنگ اسٽاف تي به آڱريون کنيون پيون وڃن.

You might also like