بال ٽيمپرنگ ڪيس: اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جي هڪ سال جي پابندي ختم

 ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) بال ٽيمپرنگ ۾ بدنام ٿيندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جي هڪ سال جي پابندي ختم ٿي وئي. بال ٽيمپرنگ ۾ بدنام ٿيندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جي هڪ سال واري پابندي ختم ٿي وئي، هاڻي ٻئي ڪرڪيٽ ۾ موٽي اچڻ جا اهل ٿي ويا آهن. آسٽريليا ڪرڪيٽ مارچ 2018ع ۾ ٻنهي ڪرڪيٽرن کي ڪيپ ٽائون ٽيسٽ ۾ بال ٽيمپرنگ ڪرڻ تي هڪ سال جي پابندي جي سزا ٻڌائي هئي. ان ڏوهه ۾ شريڪ وارنر ۽ سمٿ جو ٽيون ساٿي ڪيمرون بين ڪرافٽ 9 مهينن جي پابندي جي سزا اڳ ئي مڪمل ڪري ڪرڪيٽ سرگرمين جي شروعات ڪري چڪو آهي. اڳوڻا ڪپتان سمٿ ۽ وارنر هن وقت آءِ پي ايل ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ ۾ مصروف آهن، آسٽريليا ڪرڪيٽ موجب وارنر ۽ سمٿ ورلڊ ڪپ لاءِ ڄاڻايل رانديگرن جي فهرست ۾ شامل آهن پر هنن کي ٽيم جڳهه ٺاهڻ لاءِ فٽنس ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.