اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ٽيم سليڪشن تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جون تيارين مان مطمئن ناهيان ۽ هدايت ڪئي ته رانديگرن جي چونڊ کي بهتر بڻايو وڃي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري آءِ پي ايس اڪبر دراني، پي سي بي چيئرمين احسان ماني، ليفٽينٽ جنرل ( ر ) مزمل حسين، وسيم گلزار خان، سبحان احمد، مدثر نظر، هارون رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪرڪيٽ جي موجودا صورتحال، ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي تنظيمي ڊانچي ۽ ان شعبي ۾ ملڪي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان ٽيم جي چونڊ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جي تيارين مان مطمئن ناهيان ۽ وزيراعظم هدايت ڪئي ته رانديگرن جي چونڊ کي بهتر بڻايو وڃي، ايندڙ سليڪشن ٺيڪ هئڻ گهرجي، عالمي ڪپ ۾ سٺي تياري سان ميدان ۾ لهڻ گهرجي. پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٽيم سليڪشن وڌ کان وڌ بهتر ٿئي. اجلاس ۾ ڪامياب پي ايس ايل تي وزيراعظم مبارڪباد ڏيندي چيو ته پي ايس ايل فائيو پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن ۽ ڪوئيٽا، فاٽا، لاهور ۽ ٻين گرائونڊن کي جلد اپ گريڊ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جو ماڊل آسٽريليا جي طرز تي بڻائڻ جو ڪم شروع ڪريو، علائقائي ڪرڪيٽ اسٽريڪچر تي جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري سان بورڊ نئين علائقائي اسٽرڪچر کي حتمي شڪل ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپارٽمنٽل ڪرڪيٽ جي خاتمي سان 2 هزار ڪرڪيٽر بيروزگار ٿي ويندا، ادارن جو ڪردار ختم ٿيڻ سان 10 ليول ٽو ڪرڪيٽرن جو روزگار خطرو ۾ پئجي ويندو.

Next Post
You might also like