ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ٽئين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ابوظهبي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان بيٽسمينن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو، سيريز ۾ مهمان ٽيم کي 0-2 جي سرسري حاصل آهي. سيريز بچائڻ لاءِ پاڪستان کي اها ميچ لازمي کٽڻي پوندي، ٻي صورت ۾ آسٽريلوي ٽيم سيريز پنهنجي نالي ڪري ويندي. ٽئين ون ڊي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، محمد عباس ۽ فهيم اشرف جي جاءِ تي جنيد خان ۽ عثمان شنواري کي شامل ڪيو ويو آهي. مهمان ٽيم ۾ به ٻه تبديليون ڪيون آهن رچرڊسن زخمي ٿيڻ بعد ڏيهه واپس روانو ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪولٽرنائل اڄوڪي ميچ ناهي کيڏي رهيو جن جي جاءِ تي پيٽ ڪيومنس ۽ جيسن بينڊروف کي يارنهن رڪني ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

Next Post
You might also like