ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري اداڪارا مهوش حيات جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪندي مٿس تنقيد ڪندڙن کي بيمار ۽ خراب ذهينت جا ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو . نامياري پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات کي سول ايوارڊ سان نوازڻ باوجود اڃا تائين اهو معاملو سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي ۽ مٿس تنقيد ڪندڙ اڃا به ان معاملي تي سخت ڪاوڙ ۾ آهن ته مهوش حيات کي پاڪستان جي ڪهڙين خدمتون عيوض تمغه امتياز سان نوازيو ويو آهي. جتي مهوش حيات تي تنقيد ڪندڙن جي کوٽ ناهي اتي ئي سندس حق ۾ آواز بلند ڪرڻ وارا به کوڙ آهن. تازو ئي انساني حقن جي وزير شيرين مزاري مهوش حيات تي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏيندي کين بيمار ۽ خراب ذهينت جا ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو. مهوش حيات جي حق ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مونکي اهو ڄاڻي سخت تڪليف پهتي تي ڪجهه ماڻهن مهوش حيات کي سول ايوارڊ ملڻ تي نه رڳو تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر سندس ڪردار ڪشي پڻ ڪئي. مهوش حيات کي اهو اعزاز اداڪارا طور شاندار ڪارڪردگي کي تسليم ڪندي ڏنو ويو آهي، پر ڪجهه مايوس ماڻهن کيس ان اعزاز تي سندس ڪردار تي حملو ڪيو، ڪجهه بيمار ۽ خراب ذهينت جا ماڻهو عورتن کي نشانو بڻائيندا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ٻيا فنڪار به مهوش حيات جي حق ۾ آواز اُٿاري رهيا آهن.

You might also like