ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نامياري پاڪستاني اداڪار گوهر رشيد فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ ۾ اداڪارا حمائما ملڪ جي بولڊ منظرن تي تنقيد ڪندڙن کي چپ ڪرائي ڇڏيو. عالمي شهرت يافته اداڪارا ماهرا خان ۽ فواد خان جي فلم ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ “ جو انتظار فلمي حقلن ۾ بي صبري سان ڪيو پيو وڃي. ريليز کان اڳ ئي فلم بابت ڪيئي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن جڏهن ته فلم ۾ ماهرا، فواد، حمائما ملڪ، حمزا علي عباسي ۽ ٻين گوهر رشيد جهڙن وڏن ادڪارن جي ڪاسٽ به فلم بابت ماڻهن ۾ وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪري رهي آهي. مولا جٽ جو ٽريلر ريليز ٿيڻ سان ئي فلم جي ڪردارن، اسڪرپٽ، اداڪارن ۽ ڪهاڻي بابت ڳالهايو پيو وڃي جڏهن ته اهي افواهون پڻ گردش ڪري رهيون آهن ته فلم ۾ حمائما ملڪ ۽ گوهر رشيد وچ تي بولڊ منظر فلمايا ويا آهن. گوهر رشيد اهڙن سمورن افواهن کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته حمائما ملڪ فلم ۾ منهنجي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

You might also like