ڪهڙا رانديگر ورلڊ ڪپ کيڏندا…؟ خبر پئجي وئي

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل جي رويي ۾ بهتري جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته محمد عامر جي ڪارڪردگي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته کيس اعتماد آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ سندس ڪارڪردگي بهتر ٿي ويندي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب 26 ورهين جي محمد عامر 2017 ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ هيل تائين 14 ون ڊي ميچن ۾ رڳو 5 وڪيٽون ورتيون. مڪي آرٿر موجب عامر جي ڪارڪردگي پريشان ڪندڙ آهي ۽ پاڻ عامر کان وڌيڪ ڪو ٻيو پريشان ناهي، مان هاڻ به سمجهان ٿو ته هو هڪ باصلاحيت بالر آهي ۽ ڪامياب ٿيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، هو وڏي ميچ جو رانديگر آهي، اسان ڏسنداسين ته کيس ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي. هن چيو ته عمر اڪمل جي رويي ۾ واقعي تبديلي آئي آهي، مڊل آرڊر بيٽسمين جي فٽنيس ۾ به بهتري آئي آهي پر ان ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته فٽنيس ٽيسٽ 14 اپريل تي ٿيندي ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ اهل رانديگرن کي اها ٽيسٽ ضرور پاس ڪرڻي پوندي، عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ايندڙ مهيني جي ٻئي هفتي ۾ ڪيو ويندو ۽ ٽيم 23 اپريل تي انگلينڊ رواني ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.