ميڪال ذوالفقار جي فلم “شير دل” 5 ڏينهن اندر 5 ڪروڙ ڪمائي ورتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي رليز ٿيل فلم “شير دل” ريليز جي 5 ڏينهن ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. پاڪستان جي ناليواري اداڪار ميڪال ذاولفقار ۽ ارمينا خان جي پاڪ فضائيا تي ٻڌل فلم “شير دل” شوقينن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. فلم رليز جي پهرين ڏينهن ئي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. “شير دل” جي ڪاميابي جو سفر جاري آهي، پاڪستان ۾  ميڊيا رپورٽن موجب فلم “شير دل” رليز جي پهرين ڏينهن هڪ ڪروڙ 15 لک، ٻئي ڏينهن هڪ ڪروڙ 7 لک، ٽين ڏينهن هڪ ڪروڙ 3 لک، چوٿين ڏينهن 47 لک جڏهن ته چنجين ڏينهن 55 لکن جي ڪمائي ڪري گڏيل طور 5 ڏينهن ۾ 5 ڪروڙ 17 لک ڪمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.