شان پاران اداڪار نديم بيگ کي فني خدمتن تي پيٽا پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪار شان پاڪستان فلم انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار نديم بيگ کي فن جي شعبي ۾ هن جي 50 ورهين جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي. اداڪار نديم بيگ جي ڳڻپ پاڪستان جي ليجنڊ اداڪارن ۾ ٿيندي آهي جن پاڪستان فلم انڊسٽري کي ڪامياب فلمون ڏنيون، نديم بيگ کي پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ 50 ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو ۽ شان سندس جي فلم انڊستري ۾ 50 سال پورا ٿيڻ ۽ فن جي شعبي ۾ فخر جوڳين خدمتن جي اعتراف ۾ سندس کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. اداڪار شان سوشل ميڊيا  تي پنهنجي ۽ اداڪار نديم بيگ جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته نديم بيگ اسانجي انڊسٽري جو اصل ليجنڊ آهي، فن جي شعبي ۾ نديم صاحب جي خدمتن کي تقريبن 50 ورهيه پورا ٿي ويا آهن. پر شان ان موقعي تي حڪومت کان ٿورو ڪاوڙيل به نظر آيو ۽ چيو نديم سر! جيڪڏهن حڪومت توهان جي خدمتن کي تسليم نٿي ڪري ته ڇا ٿيو اسان ته ڪندا آهيون، پاڪستاني عوام توهان کي ان جڳهه تي رکيو آهي جتي هڪ ڪامياب پنهنجي ميڊل کي رکندو آهي، توهان کي اسان پنهنجي دل ۾ رکيو آهي. توهان جي ٿورائتا آهيون جو توهان فلم انڊسٽري کي ايترا بهترين ڪردار ڏنا جن سان اسان اڄ به پيار ڪندا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.