آڪسفورڊ،يونيورسٽي، راحت فتح علي خان کي وڏو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني راڳي راحت فتح علي خان کي آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اعزازي ڊگري سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. راڳي راحت فتح علي خان کي موسيقي جي شعبي ۾ فخر جوڳيون خدمتون انجام ڏيڻ تي برطانيا جي مشهور آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان اعزازي ڊگري سان نوازيو ويندو. اعزازي ڊگري ڏيڻ واري تقريب 26 جون تي ٿيندي. راحت فتح علي خان سان گڏ ستن ٻين ماڻهن کي پڻ مختلف شعبن ۾ فخر جوڳيون خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ اعزازي ڊگرين سان نوازيو ويندو. آڪسفورڊ يونيورسٽي انتظاميا موجب راحت فتح علي خان اهڙي خاندان ۾ اک کولي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي موسيقي جي سڄاڻپ بڻجي ويو آهي. هن موسيقي جي شروعات ستن سالن جي عمر کان ڪئي ۽ هن وقت تائين 50 کان وڌيڪ البم رليز ڪري چڪو آهي. راحت فتح سموري دنيا ۾ ڪيترائي ڪانسرٽ ڪري چڪو آهي ان کان علاوه هو هن وقت تائين 50 سيريلز جا ٽائٽل گيت، بالي ووڊ ۽ پاڪستاني فلمن لاءِ پلي بيڪ گلوڪاري ڪري چڪو آهي. سندس جي موسيقي جي شعبي ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ سندس کي اعزازي ڊگري سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.