*شهدادپور ويجهوڳوٺ رمضان خان سيال جي رهواسي مير محمد سيال جو موت معمو بڻجي ويو، جنازي نماز دوران لاش تي تشدد جا نشان ظاهر ٿيڻ ڪري وارثن تدفين بدران لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ چاهيو .

وارث ٿاڻي سان رابطو ڪرڻ بعد لاش کڻائي شاهپور چاڪر استپال پهتا جتي اسٽاف نه هجڻ ڪري لاش شهداد پور آندو ويو جتي پڻ عملي پاران پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو ويو .
وارثڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاش رکي شاهپور روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن بعد پوليس امن امان جي مسئلي سبب ڊي ايڇ او سان رابطو ڪيو جنهن بعد شهداد پور جي اسپتال ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو .