ٿيٽر جو عالمي ڏهاڙو، زندگي کي پڙدي تي پيش ڪرڻ وارو فن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ ٿيٽر پلي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٿيٽر تي ٿيندڙ ڊرامن، رقص ۽ موسيقي ذريعي سموري دنيا ۾ نظرين، خيالن ۽ موضوعن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. ٿيٽر ڊرامي کي ناٽڪ رچائڻ به چيو ويندو آهي. انسان ان ڳالهه کان بي خبر آهي ته انسان جي تاريخ جو پهريون ڊرامو ڪڏهن پيش ڪيو ويو پر دنيا جي سڀني تهذيبن، رومي، يوناني، چيني، جاپاني ۽ آفريقي تهذيبن ۾ ٿيٽر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهيو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ٿيٽر جي شروعات سنسڪرت ٿيٽر کان ٿي. ان وقت بادشاهن جي سرپرستي هيٺ مذهبي ڪهاڻين تي ٻڌل رانديون پيش ڪيون وينديون هيون جن جو مقصد تفريح ۽ تعليم ٻئي هيو. ان زماني جو هڪ مشهور نالو ڪالي داس جو آهي جنهن جو لکيل ڊامو شڪنتلا هر دور ۽ تهذيب جي ڊرامن تي پنهنجا اثر وڌا.1885ع ۾ اوڌ جي آخري نواب واجد علي شاهه، آغا حسن امانت جو لکيل ڊرامو “ اندر سڀا”  اسٽيج ڪيو. اهو هڪ پري جمال ۽ شهزادي گلفام جي ڪهاڻي تي ٻڌل ڊرامو هو. ان کان پوءِ ان ٿيٽر پارسي ٿيٽر جي صورت اختيار ڪئي جيڪو تقريبن هڪ صديءَ تائين ننڍي کنڊ تي راڄ ڪندو رهيو. پارسي ٿيٽر  ۾ داستانون ۽ سماجي ڪهاڻيون پيش ڪيون وينديون هيون. برطانيا راڄ جي دور ۾ ٿيٽر داستانن ۽ تصوراتي ڪهاڻين مان نڪري عام حقيقتن ۽ غريبن جا مسلا پيش ڪرڻ لڳو. پارسي ٿيٽر جي دور جو هڪ مشهور نالو آغا حشر ڪاشميري آهي. هن اردو کي اردو جو شيڪسپيئر چيو ويندو آهي. هن منظوم ڊراما لکيا جن مان ڪيترا فارسي، انگريزي ادب ۽ هندو ديومالا مان متاثر هئا. ويهين صديءَ  جي وچ ۾ ٿيٽر ۾ امتياز علي، ڪرشن چندر، سعادت حسن منٽو، رفيع پير ۽ اپندرناٿ اشڪ جا ڊراما پيش ٿيڻ لڳا. 1932ع ۾ امتياز علي تاج جو لکيل ڊرامي انارڪلي اردو ڊرامو وڏي حيثيت رکندو آهي. موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٿيٽر پنهنجي منفرد موضوعن، هدايتڪاري، لائٽنگ، ۽ پيشڪش جي حوالي سان باشعور شوقينن لاءِ ڪشش رکندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.