ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن سان ڳالهيون ڪامياب….

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ۽ استادن جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ۽ تعليم واري وزير موجب ميٽرڪ جا پرچا شيڊول جي موجب ٿيندا. تفصيل موجب ڪراچي ۾ گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچرز ايسوسيئيشن ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ 3 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ شهر ۾ ميٽرڪ جا پرچا ملتوي ٿيڻ جو خدشو ٽري ويو. گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچر ايسوسيئيشن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ تعليم واري وزير گسٽا جا مطالبا قبولي ورتا آهن، استادن جو ٽائم اسڪيل جو مطالبو منظور ٿي ويو آهي ۽ ٻين مطالبن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ استادن جا نمائندا به شريڪ هوندا. ڳالهين بعد سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه ڪراچي پريس ڪلب پهتو ۽ ڌرڻو ختم ڪرائيندي ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. سندس چوڻ هو ته استادن جي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا، اسان هتي نه هياسين جنهن جي ڪري اِهو سڀ ڪجهه ٿيو، پر هاڻ معاملا طئي ٿي چڪا آهن ۽ ميٽرڪ بورڊ جا ساليانا پرچا پهرين اپريل کان ڏنل شيڊول جي موجب ٿيندا. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته ٽائم اسڪيل 20 گريڊ جو ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار هو، 22 مارچ تي سمري اڳتي وڌائي ڇيڏ هئي پر هاڻ سمري منظور ٿي وئي آهي ۽ ان جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. استادن جون رهتون 10 ڏينهن جي اندر ادا ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن ۽ 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي اسڪروٽني ڪنداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان هتي موجود هجون ها ته اهڙو صورتحال پيدا نه ٿيڻ ڏيون ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.