ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ بنيادي وياج جي شرح ۾ 50 بيسس پوائنٽس جو واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جاري ڪندي وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بينڪ موجب بنيادي وياج جي شرح 10.75 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. پاليسي ريٽ جو اجلاس صبح 11 وڳي کان اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوه جي سربراهي ۾ جاري رهيو. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي وياج جي شرح ۾ واڌ سان مقامي قرض تي سالياني وياج جي ادائيگي وڌي ويندي. معيشت کي مهانگائي ۽ بجيٽ خساري جهڙي چيلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. مهانگائي جي شرح ۾ به واڌ ٿي. اسٽيٽ بينڪ موجب پاليسي ريٽ ٻن مهينن جي لاءِ لاڳو هوندو. ٻئي پاسي ڊالر مٿي چڙهي رهيو آهي. ڊالر انٽر بينڪ ۾ 141 ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 141 رپيا 70 پيسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like