فيسبڪ پوسٽن ذريعي بيمارين جي سڃاڻپ ممڪن

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) واهپيدار فيسبڪ تي  جيڪو به پوسٽ ڪندا آهن ان جو غور سان مطالعو ڪري 21 مرضن،  جسماني ۽ ذهني ڪيفيتن جو جائزو وٺي سگھجي ٿو جن ۾ شگر، ڊپريشن، بلڊ پريشر ۽ دماغي دٻاءُ شامل آهن.

پبلڪ لائبري آف سائنس (پي ايل او ايس) ون ۾ ڇپجندڙ هڪ رپورٽ ۾ ماهرن فيسبڪ استعمال ڪندڙ 999 ماڻهن کان هنن جو پوسٽون ۽ ميڊيڪل رڪارڊ گھريو جيڪو هنن ڏنو. ڏنل ڊيٽا مان ماهرن پوسٽ ڪيل مواد مان ٻه ڪروڙ لفظن جو جائزو ورتو.

ماهرن ويجهڙائي سان جملن، لفظن، لاڳاپيل لفظن جي مجموعي ۽ ان جي معني وغيرهه کي ڏٺو. پوءِ انهن کي ميڊيڪل رڪارڊ جي 21 ڪيفيتن ۽ مرضن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ان رپورٽ جو مرڪزي ليکڪ اينڊريو شوارٽز آهي جيڪو اسٽوني بروڪ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جو ماهر آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻولي ۽ لفظ ڏسي اسان جيڪا اڳڪٿي ڪندا آهيو جنهن ۾ پوسٽ ڪندڙ جي  شگر ۽ باڊي ماس انڊيڪس (بي ايم آءِ) جي ڪيفيت به شامل هوندي آهي. پوءِ لفظن ۽ ٻوليءَ جي استعمال سان به ان ڳالهه تي روشني پوندي آهي ته شايد هو ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي سگھي ٿو.

اهو طريقو نفسياتي ۽ دماغي عارضن کي سڃاڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. فيسبڪ تي جيڪي پوسٽون ڪيون وينديون آهن اهي ان شخص جي دماغي ڪيفتن کي ظاهر ڪنديون آهن.

ڊاڪٽر اينڊريو موجب ڊجيٽل ٻولي روايتي ميڊيڪل ڊيٽا کان گھڻي مختلف انداز ۾ اسان جي زندگي کي ظاهري ڪري سگھي ٿي ۽ اسان کي مصونوعي ذهانت ذريعي مرضن جي سڃاڻپ ۾ به گھڻي مدد ملي سگھي ٿي.