جسٽس بيبر ڪجهه عرصي لاءِ موسيقي کي الوداع ڪري ڇڏيو

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) مشهور ڪئنيڊين راڳي جسٽن بيبر ڪجهه عرصي لاءِ موسيقي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. راڳي جسٽس بيبر انسٽاگرام تي مداحن سان مخاطب ٿيندي لکيو ته آئون ماڻهن جا پيغام پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ توهان نئين البم جو مطالبو ڪري رهيا آهيو. پنهنجي آخري ڪنسرٽ ۾ توهان به ڏٺو هوندو ۽ آئون به محسوس ڪيو ته آئون ڪنسرٽ دوران پنهنجو سمورو ڌيان نه پئي ڏئي سگھيس، توهان مونکي ٻڌڻ لاءِ پيسا خرچ ڪندا آهيون تنهنڪري اهو توهان جو حق آهي ته توهان لائيو ڪانسرٽ دوران انرجي سان ڀرپور پرفارمنس ڏسو پر ائين نه ٿي سگھيو توهان ۽ آئون ٻئي ان جا حقدار نه آهيون. جسٽس بيبر مداحن کي پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪندي لکيو ته هن وقت آئون دنيا کان ڪاٽا محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ پنهنجن مسئلن تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو، انهن کي حل ڪرڻ چاهيان ٿو تنهنڪري آئون ڪجهه عرصي لاءِ موسيقي کي الوداع چئي رهيو آهيان. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پنهنجي ذهني صحت تي ڌيان ڏيان. منهنجا مداح ۽ موسيقي مون لاءِ اهم آهن. پر منهنجي ذهني صحت، شادي ۽ خاندان به اهم آهن. آئون پنهنجا مسئلا حل ڪري جلد هڪ زبردست البم سان گڏ موٽي ايندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.