جرمني ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن شهر هالي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

شروعاتي اطلاعن موجب ڳي فائرنگ هڪ کان وڌيڪ جوابدارن ڪئي، جيڪي هڪ گاڏي ۾ سوار هئا.

وفاقي جرمن صوبي سيڪسني انهالٽ ۾ روڊ تي فائرنگ جو اهو واقعو اڄ اربع ڏينهن ٻي پهري مهل پيش آيو، جڏهن ته ان واقعي جا سبب اڃا تائين واضح ناهن ٿي سگهيا.

جرمن اخبار ”بلڊ“ پنهنجي ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته فائرنگ جو اهو واقعو هڪ يهودي عبادتگاهه سامهون پيش آيو.

ٻين رپورٽن موجب فائرنگ کانپوءِ يهودين جي هڪ مقامي قبرستان ۾ ڌماڪي جو آواز پڻ ٻڌو ويو.

هوڏانهن پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ فرار ٿيندڙ جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.