ملير ( ويب ڊيسڪ ) ملير ويجهو پوليس مختلف ڪاررواين دوران ڦرن ۽ چوري جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن سندن قبضي مان هٿيار ۽ لکين رپيا روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ملير پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تھ ڪرسچن ڪالوني ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو جن جي قبضي مان غيرقانوني هٿيار ۽ هڪ لک 85 هزار رو هٿ ڪئي وئي.هن ٻڌايو تھ ٻئي جوابدار مزدوري جي آڙ ۾ گهرن مان ڦر ۽ چوري ڪندا هئا. ايس ايس پي چيو تھ جوابدارن بغدادي ٿاڻي جي علائقي مان 10 فروري تي هڪ گهر ۾ ڦر دوران 26 لک رپيا ڦر ڪئي هئي.هن چيو تھ گرفتار جوابدارن ۾ ايز علي ۽ گلفام شامل آهن.

You might also like