حيدرآباد ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل نينگر جي سڃاڻپ، ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ وارو معاملو، نينگر جي سڃاڻپ ٿي وئي، نينگر جي والد اڻڄاتل جوابدارن مٿان پٽ کي اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي،حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ گنجي ٽڪر جي جابلو علائقي مان تشدد ٿيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ عظيم ولد نعيم رستماڻي جي نالي سان ٿي آهي، لاش جي سڃاڻپ سندس والد نعيم رستماڻي ڪئي، نينگر سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ قائم زيل پاڪ فيڪٽري جي سامهون ڪڇي پاڙي جو رهواسي هو ۽ واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿي ويو هو. لاش سيري پوليس هٿ ڪري هوسڙي پوليس جي حوالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ لاش کي سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ منتقل ڪيو ويو هو، جتي رات دير سان فوتي نينگر جي پيءُ نعيم رستماڻي پهچي سندس سڃاڻپ ڪئي، ٻئي طرف نينگر جي والد نعيم جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف نينگر جي اغوا ۽ قتل جو ڪيس هوسڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. هوسڙي پوليس موجب ابتدائي طور نينگر سان زيادتي جو ڪو ثبوت نه مليو آهي، پر ان جي باوجود ٻار جا ڪپڙا ۽ ٻين شين جا نمونا ورتا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.