وزيراعظم اڄ ڪراچي پهچندو، سڀاڻي گهوٽڪي ۾ دعوت

ڪراچي/خانپور مهر(رپورٽر+ن ع آ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچندو،  مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم عمران خان  بلوچستانجي علائقي گوادر کان اڄ شام 6 وڳي ڪراچي پهچندو، جتي هو  گورنر هائوس ۾ پارٽي جي سنڌ سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز سان گڏجاڻي ڪندو، جنهن ۾ وفاقي سرڪار جي ڪراچي ۾ هلندڙ منصوبن ڪي سي آر ، ڪي فور ۽ ٻين منصوبن جي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني ويندي، وزيراعظم رات جو گورنر عمران اسماعيل جي ڊنر ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته سڀاڻي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ باغ ابن قاسم جو افتتاح ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي سردار علي گوهر مهر جي آجياڻي ۾ شرڪت لاءِ گهوٽڪي پهچندو، جتي هو ايم ڪيو ايم ، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز سان گڏجاڻي ڪندو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ لائحه عمل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.ان بعد وزيراعظم اسلام آباد روانو ٿي ويندو. گوهر پئلس ۾ 5000 ماڻهن جي ويهارڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.