سوشل ميڊيا تي پوليو مهم خلاف غلط ڄاڻ پکڙيندڙ 174 اڪائونٽ بند

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن جي سڀ کان مشهور ويب سائيٽ فيسبڪ ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ويڪسينيشن خلاف ڪوڙين خبرن ۽ ڄاڻ جي روڪٿام لاءِ سخت قدم کنيو آهي.

ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ ميش ايبل جي رپورٽ موجب فيسبڪ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪمپني،  فيسبڪ اڪائونٽ  خلاف ” ضروري “ ڪارروائي ڪندي جيڪو ويڪسينيشن بابت ڪوڙي اطلاع ۽ غلط ڄاڻ پکيڙي رهيا آهن.

فيسبڪ ڪمپني موجب نئين پاليسي تحت اهڙن پيجن کي ختم ڪيو ويندو جيڪي ڪنهن به ويڪسينيشن جهڙوڪ، پوليو، ايڊز ۽ ٻين خلاف ڪوڙا اطلاع ۽ ڄاڻ ڦهلائي رهيا آهن، ڀلي پوءِ اهو مواد ويب سائيٽ تي موجود هجي يا ايپ تي هجي .

فيسبڪ جو چوڻ آهي ته ويڪسينيشن خلاف مهم ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجندڙ اهڙن اشتهارن جي مواد کي غيرفعال ڪيو ويندو، فيسبڪ جو سمورو ڌيان اهڙي مواد کي پکيرڻ تي هوندو جنهن ۾ تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪئي وئي هجي، ان کانسواءِ جنهن ۾ ويڪسينيشن جي حوالي سان درست معلومات فراهم ڪئي وئي هجي.

ان کان علاوه فيسبڪ پاڪستان ۾ پوليو مهم خلاف غلط ڄاڻ پکيڙيندڙ پيجن کي بند ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي جنهن تحت 174 فيسبڪ اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن.

پاڪستان ۾ هلندڙ سال شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ۽ افواهه سبب ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پيو جنهنڪري پوليو رضاڪار پڻ متاثر ٿيا.

فيسبڪ پوليو ٽوڙ مهم خلاف اهڙو مواد ڏيکاريو ويو جيڪو ڪوڙي ڄاڻ ۽ افواهن تي ٻڌل هو.

ان ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان جي پوليو ٽوڙ مهم بابت خاص مددگار بابر عطا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام ۾ فيسبڪ کان درخواست پڻ ڪئي ته فيسبڪ تي اهڙو مواد نه هئڻ گهرجي جيڪو پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي.

هن شڪايت ڪئي هئي ته فيسبڪ تي پوليو بابت ڪوڙين خبرن سبب والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ پوليو رضاڪار پڻ سبب متاثر ٿي رهيا آهن.

بابر عطا ان سلسلي ۾ باقاعدا صحت واري عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او )، يونيسيف ۽ فيسبڪ گلوبل ريگوليٽري ڪونٽينٽ مئنيجمنٽ ٽيم سان ويڊيو گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ فيسبڪ خاطري ڪرائي ته هو اهڙا پيج ختم ڪري ڇڏيندو .

انسٽاگرام  به فيسبڪ جي نئين پاليسي کي ڏسندي ويڪسينشن خلاف ڪوڙا اطلاع ۽ ڪوڙي ڄاڻ پکيرڻ کان روڪڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي.

ان کانسواءِ انسٽاگرام به اهڙي سمورن هيش ٽيگن تي پابندي هنئي ويندي جيڪي ويڪسينيشن خلاف  هجن جهڙوڪ#vaccinescauseautism # ِvaccinescauseaids  #vaccinesspreadpolio

You might also like