بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ايس ٽي پي جا مظاهرا، پاڻي هٿ سان روڪيو ويو آهي: اڳواڻ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) بدين ۾پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪيا، اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ۾پاڻي کوٽ ختم ڪري عوام کي تڪليفن کان بچايو وڃي، تلهار ۾اعجاز خواجا، راجا ٿيٻو، اسلم سونارو، شوڪت عمراڻي، عرفان شاھه بخاري، ڪڙيي گھنور ۾ابوبڪر ڪڇي، ھارون شيخ، ڪامريڊ رتنو مل، ٽنڊي باگي ۾فراق هاليپوٽو، عبدالرزاق هاليپوٽو، نور احمد هاليپوٽو، راولو ڪولهي، منظور سمون، ٽنڊي غلام علي ۾ايس ٽي پي ڪارڪنن عبدالجبار مڱريو، ملڪ محمد گشڪوري، محبوب لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو، ڪڍڻ ۾عبدالغفار لاشاري، گل حسن کوسو، پير بخش کوسو، سڪندر علي جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان پڇڙي جا آبادگار بکون کاٽڻ تي مجبور آهيون، بااثر زميندار پنهنجون زمينون آباد ڪري رهيا آهن، اسان وٽ پيئڻ جو به پاڻي نه ٿو پهچي، جانور توڙي پکي اڃ وگهي تڙپي مري رهيا آهن، هنن چيف جسٽس، وزير اعظم پاڪستان، وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پاڻي کوٽ ختم ڪري عوام کي تڪليفن کان بچايو وڃي، هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي حسنين مرزا بدين جي مختلف شاخن سنهي گهوني، راڄ واهه، مور مائينر، گنج بحر نور واهه ۽ ٻين شاخن جي آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بدين جو پاڻي سوچيل سمجهيل سازش تحت بند ڪري عوام سان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، بدين جو پاڻي بند ڪري بدين واسين کي معاشي طور تباھه ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، اقتدار ڌريون چاهين ٿيون ته بدين جا ماڻهو بک بدحالي جو شڪار ٿي سندن آڏو جهڪن پر کين اها ڀل آهي ڇو ته بدين جو عوام هاڻي سجاڳ آھي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾بدين جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ تي منهنجو مائيڪ بند ڪيو ويندو آهي پر آئون واضح ٿو ڪيان اسان کي بدين جي عوام عزت بخشي آهي، آئون هر فورم تي بدين جي عوام جي ڳالھه ڪندس بدين جي حقن جي ڳالهھ ڪندس آئون هر فورم تي بدين واسين سان گڏ آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.