گسٽا پاران استادن تي تشدد خلاف اڄ کان تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پوليس طرفان استادن تي تشدد خلاف سنڌ جي سرڪاري استادن جي تنظيم ” گسٽا “ اڄ کان سڄي سنڌ ۾ تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. گورنمنٽ سيڪنڊري ٽيچرز ايسوسيئشن ( گسٽا ) جي صدر اشرف خاصخيلي چيو آهي ته اڄ کان سرڪاري اسڪولن ۾ ڪو به ڪلاس نه هلندو.  استادن جي بائيڪاٽ کانپوءِ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.  گذريل ڏينهن استادن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو جنهن دوران پوليس استادن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ شيلنگ پڻ ڪئي. احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس جي تشدد بعد کين پرچائڻ جو ڪوششون به ناڪام ٿي ويون. استادن جو مطالبو آهي ته سال 2012ع دوران ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڀرتي ٿيندڙ استادن کي فوري پگهارو جاري ڪيون وڃن ۽ جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استادن جي ترقين سڌو ٻيا مطالبا پڻ پورا ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.