لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيب آمر پرويز مشرف جي باقيات ۽ ڪارو قانون آهي جيڪڏهن ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻو آهي ته احتساب جو اهڙو نظام آڻڻو پوندو جيڪو سياسي انتقام لاءِ نه هجي،احتساب جو اهڙو ادارو ٺاهينداسين جنهن تحت سياستدان هجي يا جج هجي يا جنرل سڀني جو احتساب ٿئي ۽ ڪنهن کي به ڇوٽ حاصل نه هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاروان ڀٽو ٽرين ذريعي خميس جي صبح تي لاڙڪاڻي پهچڻ وقت هزارين ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪي سندس استقبال لاءِ لاڙڪاڻي اسٽيشن تي موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شفاف احتساب سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي پر احتساب جي نالي تي سياسي انتقام ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن چيو ته نيب ۽ احتساب کان نه ٿا ڊڄون پر احتساب شفاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته کانئس ان ڪيس ۾ سوال پچيا پيا وڃن جڏهن هو هڪ سال جو هو، ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت چيو ته بلاول ڀٽو بي گناهه آهي پر لکت واري عدالتي فيصلي مان اها شق ئي ڪڍي وئي ان لاءِ اسين سوال ڪرڻ جو حق رکون ٿا ته ڪنهن جي حڪم تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي هنن جون نظرون صدر آصف علي زرداري تي آهن هي ڇا ٿا سمجهن ته نيب گردي ذريعي اسان جي زبان بند ڪري ڇڏيندا پر ائين ڪڏهن نه ٿيندو. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس سنڌ ۾ ٺاهيو ويو پر ڪيس وري پنڊيءَ ۾ هلايو پيو وڃي ۽ پنڊيءَ مان وري تاريخ ورجائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ان ڪري اسان کي سياسي انتقام تي اعتراض آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان جي ڪسٽوڊين اسپيڪر کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيو؟. هن چيو ته اسپيڪر جي گهر تي حملو ڪري سندس گهر جي چادر چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو ويو اها نيب گردي آهي ۽ عوام کي نيب گردي قبول ناهي. هن چيو ته قائم علي شاهه جهڙي شريف ماڻهو کي نيب طلب ڪري رهي آهي ان ڪري اسان کي اها نيب گردي قبول ناهي. هن چيو ته حڪمران ملڪ ۾ 1993ع جي قانون کي ختم ڪري ون يونٽ لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ 18هين ترميم کي ختم ڪري صوبن جا حق پڻ غصب ڪرڻ چاهين ٿا ان ڪري اسين ڪنهن به صورت ۾ اهو ٿيڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18هين ترميم تحت گئس تي پهريون حق ان صوبي جو آهي جتان گئس نڪري ٿي پر سنڌ کي پوري گئس فراهم نه پئي ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ گئس جي پڻ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي اسين کين سنڌ جا حق کسڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته وزيراعظم ڪنهن کي به اين آراو نه ڏيڻ جي رٽ لڳائي رهيو آهي پر ملڪ ۾ دهشتگردن لاءِ اين آراو، مشرف ۽ باجي عليمه خان لاءِ اين آراو آهي ان ڪري خان صاحب جي هر ڳالهه ڪوڙ ۽ يوٽرن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته احتساب لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي بنياد تي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ ڪرپٽ ماڻهن کان حساب وٺڻ تي صوبائي احتساب ڪميشن کي ئي ختم ڪيو ويو ان لاءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته بي نامي وزيراعظم ۽ عليمه باجي جو احتساب ڪڏهن ٿيندو.. هن چيو ته غريبن کي گهر ڏيڻ بدران انهن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن ان لاءِ اسين غريبن جا گهر ڊهڻ نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڌانڌلي زده حڪومت اقتدار خاطر چونڊن ۾ تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ڪرائي هو نه پيا چاهين ته شهيد ڀٽو جو ڏهٽو پارليامينٽ ۾ پهچي ان لاءِ لياريءَ ۾ حملو ، لاڙڪاڻي ۾ بم ڌماڪو ۽ مالاڪنڊ پشاور سميت ٻين صوبن ۾ آزاد نموني چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي ۽ اليڪشن کان پوءِ اڄ تائين اسان جو فارم 45 لاپته آهي جڏهن ته چونڊن ۾ پارٽيءَ جي سينيئر عهديدارن کي چونڊن کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي پر لاڙڪاڻي جي عوام انهن سازشن کي ناڪام بڻايو ۽ ڀٽو 20 سالن کان پوءِ پارليامينٽ ۾ پهچي ويو جنهن ڪري هو اڄ پريشان آهن. هن چيو ته هو جيڪو ڪجهه ڌانڌلي ذريعي حاصل نه ڪري سگهيا اهو انتقامي ڪاررواين ذريعي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا . هن چيو ته 40 سال گذرڻ باوجود اهي قوتون اڄ به ڀٽو جي نظرئي ، سوچ ۽ فڪر کان ڊڄن ٿا ۽ پارليامينٽ ۾ جڏهن ڀٽو جو نالو ٿو اچي ته وزيراعظم سميت وفاقي وزيرن جون رڙيون ٿيون نڪرن اها انهن جي ڀٽوز سان نفرت آهي جو هو ڀٽو جو نالو به برداشت نه ٿا ڪن. هن چيو ته شهيد ڀٽو جو ڏهٽو ۽ شهيد بي بي جو پٽ شهيدن وانگر عوامي حقن تي مصلحت نه ڪندو. هن چيو ته صرف ٽرين جي سفر دوران عوامي استقبال ٿيڻ ڪري وزيراعظم هائوس مان رڙيون نڪري رهيون آهن پر خان صاحب توهان نه گهٻرايو اسين توهان جي حڪومت نه پيا ڪيرايون. هن چيو ته غير جمهوري قوتون اهو سمجهن پيون ته شهيد ڀٽو ۽ بي بي کي شهيد ڪندا ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي اها سندن ڀل آهي پيپلز پارٽي قائم آهي ۽ قائم رهندي.. ان کان اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪاروان ڀٽو قافلو صبح جو 3.35 تي پنهنجي آخري منزل گاهه لاڙڪاڻي اسٽيشن تي پهتو ته هزارين ڪارڪنن سندس مٿان گل نڇاور ڪندي ڀرپور استقبال ڪيو ۽ وزيراعظم بلاول ڀٽو جا نعرا پڻ هنيا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي تائين جو سفر 42 ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ۽ 25 اسٽيشنن تي سندس ڀرپور استقبال ڪيو ويو . پي پي پي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻي قيادت پڻ ڪاروان ڀٽو ۾ شريڪ هئي.

You might also like