ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جي وڌيڪ 4 ۽ هڪ مخالف ڌر اڳواڻ کي جنگي ڏوهن جي الزام ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب بنگلاديش جي هڪ خاص عدالت ۾ پاڪستان جي حامي تنظيم جماعت اسلامي جي چئن اڳواڻن ۽ هڪ مخالف ڌر اڳواڻ کي قتل، اغوا، ڀڃ ڊاهه، ڦرلٽ ۽ زيادتي جي الزامن هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. وزيراعظم شيخ حسينه واجد طرفان 1971 جي جنگ بابت ٺاهيل تڪراري ٽربيونل طرفان جماعت اسلامي جي 6 اڳواڻن کي ڦاهي اچي چڪي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي تي پاڪستاني جي حمايت جو الزام هڻي اڳواٽ ئي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. مخالف ڌر پارٽين جو چوڻ آهي ته اهو جڙتو ٽربيونل عالمي قانون سان ٽڪراءَ آهي جنهن ۾ شفافيت کي برقرار ناهي رکيو ويو ۽ هينئر تائين ٻڌايل فيصلن ۾ جوابدارن کي بچاءَ جو مڪمل موقعو فراهم ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي پڪا ثبوت پيش ڪيا ويا جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ٽربيونل آئيني ادارو ناهي پر سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ جو ذريعو آهي.

You might also like