ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) بڊگام ضلعي ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا. ڪمشير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي بڊگام ضلعي ۾ ڀارتي فورسز طرفان آپريشن دوران هڪ ڀيرو وري فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا. ماٿري ۾ ٻن ڏينهن دوران شهيد ٿيل ڪشميرين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي.  گذريل ڏينهن به شوپيان ضلعي ۾ ڀارتي فوج اڳرائيءَ جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڪشمري شهيد جڏهن ته ڪلگام ضلعي ۾ فائرنگ ۾ ٻه ڪشميري شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.