ڀارتي ظلمن ڪشمير ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن کي هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو: آمريڪي اخبار

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي اخبار پنهنجي هڪ تحقيقي رپورت ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم عروج تي آهن جتي تعليم يافته ماڻهن کي به هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. آمريڪي اخبار “ واشنگٽن پوسٽ ”  موجب ٻه ڏينهن اڳ ڪشمير يونيورسٽي جو پروفيسر محمد رفيح اچتو گم ٿي ويو جنهن بعد سندس لاش مليو جڏهن ته استاد جي موت تي پڙهيل لکيل سمورا ماڻهو هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.  آمريڪي اخبار موجب 31 ورهين جي پروفيسر رفيع ڪشمير يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي جنهن آڏو هڪ روشن مستقبل هو پر هن ڀارت خلاف مزاحمتي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر شاگردن جو پسنديدا استاد هو ۽ هو اهڙو دانشور هو جنهن صارفين تي نمايان تحقيق ڪئي هئي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب ڪشميري انجينئر جي قتل کانپوءِ نوجوان پنهنجي والدين کان سوال ڪري رهيا آهن ته هٿيارن جي مقابلي ۾ ڊگرين جو ڪهڙو فائدو. آمريڪي اخبار جي تحقيق موجب 2008ع کانپوءِ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ نوجوانن جو انگ وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڪجهه ورهيه اڳ تائين ڪمزور ٿيندڙ هٿياربند جدوجهد ۾ نئون جوش جذبو اچي ويو آهي. 2013ع ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيندر نوجوانن جو انگ رڳو 16 سيڪڙو هو جڏهن ته 2017ع ۾ مقابلي ۾ مزاحمتي تحريڪ ۾ نوجوانن جي شرڪت 2018ع ۾ 52 سيڪڙو رهي.  آمريڪي اخبار موجب 191 ڪشميري نوجوانن مزاحمتي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. گهرو حقن ۽ گورننس کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جنهنڪري ڪشميري چون ٿا  ننڍين ننڍين ڳالهين تي زهر اوڳاڇيندڙ ڀارتي رويو چڙ جو ڪارڻ آهي. آمريڪي اخبار موجب ڀارت گذريل سال پرڏيهي صحافين تي ڪشمير ۾ رپورٽنگ جي پابندي هڻي ڇڏي ايستائين جو واشنگٽن پوسٽ کي سرينگر تائين محدود رهڻ ۽ ڀارتي مخالف ماڻهن سان نه ملڻ جي شرط تي اجازت ڏني وئي.  محقق موجب سوشل ميڊيا سبب لکيل پڙهيل طبقو مزاحمتي تحريڪ ۾ گهڻو شامل ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڀارتي اهلڪار آمريڪي اخبار سان اعتراف ڪندي چيو ته نوجوانن پاران مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ پريشان ڪندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.