مسعود اظهر جي معاملي تي آمريڪا دانشمندي کان ڪم وٺي: چين

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل قومن طرفان ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي معاملي کي ڪڏهن ويٽو نه ڪيو آهي.  مولانا مسعود اظهر خلاف ٺهراءَ کي ويٽو ڪرڻ جو تفصيلي جواب ڏيندي چيني پرڏيهي آفيس جي ترجمان گينگ شوانگ چيو ته مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جي درخواست گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 1267 سينڪشنز ڪميٽي طرفان ڏني وئي ۽ چين سمورن قانونن جي پاسداري ڪندي رڳو ٽيڪنيڪل هولڊ ڪيو آهي. هن چيو ته مولانا مسعود اظهر جي معاملي تي گهڻيون پيچيدگيون آهن، ڌرين ڳاهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ چين به معاملي جي حمايت ڪئي آهي، موجوده حالتن ۾ سڪيورٽي ڪائونسل کي گهرجي ته دانشمندي جو مظاهرو ڪري ۽ ڌرين کي وقت ۽ جاءِ ڏين ته جيئن ڳالهيون ڪري سگهن. چيني پرڏيهي آفيس جي ترجمان آمريڪا تي تنقيد ڪندي چيو ته سلامتي ڪائونسل جي 1267 سينڪشنز ڪميتي کي ڇڏي سڌو سڪيورٽي ڪائونسل وڃي رهيو آهي جيڪو معاملي کي ڏکيو ڪري ڇڏيندو.  چين آمريڪا تي زور ڀريو ته هو ڌرين جي ڪوششن ۽ سڪيورٽي ڪائونسل جي روايت کي برقرار رکن جنهن سان 1267 سينڪشنز  ڪميٽي جي حمايت متاثر نه ٿي، اسان اميد ڪيون ٿا ته آمريڪا هر لحاظ کان دانشمندي جو مظاهرو ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي سخت قدم کان پاسو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.