ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ مقرر آمريڪي سفير جون راڊني باس وزيراعظم عمران خان تي پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ تنقيد ڪئي جيڪا هن کي مهانگي پئجي وئي ۽ وفاقي وزيرن هن کي ڀرپورجواب ڏنو. آمريڪي سفير ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪرڪيٽ جا ڪجهه رخ سفارتڪاري تي اپلائي ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ناهن ٿيندا، هن وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي وڌيڪ لکيو ته ضروري آهي ته افغان امن عمل ۾ ٽيمپرنگ نه ڪئي وڃي ۽ اهو اندروني معاملو آهي. آمريڪي سفير جي ان بيان کان پوءِ وفاقي وزيرن جون راڊني باس تي جوابي وار ڪيا، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ٽوئٽر تي ئي افغان سفير کي جواب ڏنو. شيرين مزاري سفير کي بونو قرار ڏيندي چيو ته جيتري گھٽ ڄاڻ توهان کي بال ٽيمپرنگ بابت آهي اوتري ئي افغانستان ۽ خطي بابت آهي، واضح طور تي توهان جي معاملي ۾ جهالت يقيني طور تي پسند ناهي. شيرين مزاري سفير جي رويي کي ڊونلڊ ٽرمپ جي اڻ مناسب رويو قرار ڏنو جيڪو خليل زاد اپنائيندو آهي. ناڻي واري وزير اسد عمر آمريڪي سفير کي پنهنجي جواب ۾ چيو ته توهان جو ٽوئٽ ظاهر ڪري ٿو ته توهان نه ئي ڪرڪيٽ بابت ڄاڻيو ٿا ۽ نه ئي سفارتڪاري بابت.هن چيو ته ا،من عمل ڏکئي وقت ۾ آهي ۽ اميد آهي ته آمريڪا ان کان اڳ هوندو ته بهتر سفارتڪاري جو مظاهرو ڪندي ان مسئلي کي ڏسندو. سامونڊي وزير علي زيدي به سفير جون باس کي جواب ڏنو ۽ چيو ته توهان مختلف حڪومتن جي دورن ۾ اڌ دنيا گھمي آهي.جنهن دوران هزارين ماڻهن کي ڇو قتل ڪيو ويو؟.علي زيدي چيو ته آمريڪا جا ڪيترائي سٺا سفير گذريا آهن پر افسوس آهي ته توهان پنهنجي رويي سبب ان فهرست ۾ شامل نه ٿي سگهندو.

You might also like