ن ليگ جا 13 سينيٽر صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جو ساٿ نه ڏيندا: فيصل جاويد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سينيٽر فيصل جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد واري رٿ کي ن ليگ جا 12 کان 13 سينيٽر ووٽ نه ڏيندا.

هن اپوزيشن کي رٿ جي واپسي جي صلاح ڏيندي خبردار ڪيو ته ناڪاميءَ جي صورت ۾ کين وڏو نقصان ٿيندو، هاڻ اپوزيشن سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻي رهي آهي پر پوءِ اسان آڻينداسين.

سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صادق سنجراڻي جي ڪاميابيءَ کي بلوچستان جي فتح قرار ڏنو هو، اپوزيشن جي ڪئمپ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي ۽ ن ليگ جا سينيٽر به قومي اسيمبلي ميمبرن جيان ڇڙوڇڙ ٿي رهيا آهن.

فيصل جاويد موجب بلاول ٽوئيٽ ۾ چيو ته جنرل ضياءُ الحق جي اوپننگ بيٽسمين کي شڪست ٿي پر عدم اعتماد واري رٿ کانپوءِ پ پ چيئرمين کي پنهنجو ٽوئيٽ ري ٽوئيٽ ڪرڻو پوندو.

هن واضح ڪندي چيو ته ن ليگ جا ڪجهه ميمبر ٽيڪنيڪي طور آزاد حيثيت رکن ٿا، اپوزيشن جا ٻيا ميمبر به پنهنجي ضمير موجب فيصلو ڪن، ڇو ته اپوزيشن وٽ به سمجهه رکندڙ بهترين ماڻهو موجود آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته اهو غلط ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو چوڻ آهي ته کيس ڪا پريشاني ناهي ۽ هو ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيندو، عدم اعتماد واري رٿ جمهوري عمل آهي، ٺهراءُ جمع ٿيڻ تي ڪا پريشاني ناهي، مان ويٺو آهيان ۽ پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان.

You might also like