آزادي ڏهاڙو: هوائي فائرنگ ۾ 13 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آزادي ڏهاڙي جي خوشي ۾ رات دير سان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

جشن آزادي جي خوشي ۾ شهرين هواءِ فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 13 ڄڻا زخمي ٿيا.

ڪراچي پوليس طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب زخمين مان 5 کي عباسي شهيد اسپتال، 2 کي سول اسپتال ۽ 4 زخمين کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب سڀئي ماڻهو 13 ۽ 14 آگسٽ جي وچين رات جشن آزادي جي موقعي تي ٿيل هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيا.

عزيزآباد ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 19 ورهين جي وانيا شايان زخمي ٿي جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نيو ڪراچي ۾ موجود سليم سينٽر تي هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 27 ورهين جي عورت تحسين زخمي ٿي پئي جنهن کي عباسي شهيد اسپتال نيو ويو.

نيموريا جي علائقي ۾ 60 ورهين جو هاشم مرزا، گلشن اقبال ۾ 42 ورهين جو عابد، نارٿ نازم آباد ۾ 16 ورهين جي عبدالحفيظ کي عباسي شهيد اسپتال منقتل ڪيو ويو.

لياري گلستان ڪالوني ۾ 20 ورهين جي ڪلثوم، گرومندر جي علائقي ۾ 25 ورهين جمو طارق زخمي ٿيو جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جڏهن ته پارڪنگ پلازا ويجهو پريڊي اسٽريٽ ۾ هوائي فائرنگ سبب 13 ورهين جو معيذ احمد، ابراهيم حيدري ۾ 30 ورهين جو وقار، گلشن اقبال ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي صفيا، لانڍي نمبر 1 ۾ 25 ورهين جو بلال زخمي ٿيو جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like