تيل ڳولي رهيا آهيون، خوشخبري اچڻ تي حالتون بهتر ٿي وينديون: اسد عمر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته تيل ڳولي رهيا آهيون، خوشخبري اچڻ تي حالتون بهتر ٿي وينديون.  لاهور ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ملڪ خطرناڪ حالتن مان ٻاهر نڪري آيو آهي، هاڻي قوم کي پريشاني جي ضرورت ناهي،  مستقبل ۾ پاڪستسان لاءِ وڏيون خوشخبريون آهن.  هن چيو ته هن وقت پنجاب نه پر سموري ملڪ جو ئي خزانو خالي  آهي پر ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. اسد عمر چيو ته نواز شريف جو مستقبل عدالت ئي طئي ڪندي،  پاڪستان ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي،  ماضي جي حڪومتن قومي ناڻي جي بيدردي سان ڦرلٽ ڪئي ۽  ڪنهن عوام بابت نه سوچو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.