راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) نيب راولپنڊي مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب خواجه آصف کي پهرين اپريل تي نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي، مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هنيو ويو آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف کي پنهنجي دفاع ۾ دستاويز به گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like