گھڻو لوڻ استعمال ڪرڻ سان جسم تي پوندڙ خطرناڪ اثر!

لوڻ هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن کان سواءِ کاڌو اڻپورو ۽ بي ذائقو محسوس ٿئي ٿو، پر ان جو گهڻو استعمال هر سال سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي موت جو سبب بڻجي ٿو.

اهو انڪشاف ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، سڄي دنيا ۾ 18 لک 90 هزار هزار ماڻهو خوراڪ ۾ لوڻ جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال سبب فوت ٿين ٿا.

ڊبليو ايڇ او موجب، لوڻ جو وڌيڪ استعمال دل جي بيماري، فالج ۽ وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌائي ٿو.

مختلف تحقيقي رپورٽن مان خبر پئي آهي ته خوراڪ ۾ لوڻ جو وڌيڪ استعمال هاءِ بلڊ پريشر جو سبب بڻجي ٿو، جنهن سان هارٽ فيليئر جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

اهڙي طرح لوڻ جو گهڻو استعمال ٽائپ 2 شگر جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

لوڻ ڇا آهي؟

لوڻ بنيادي طور کاڌي جي ذائقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ 60 سيڪڙو ڪلورائڊ ۽ 40 سيڪڙو سوڊيم هوندو آهي.

قدرتي غذائن ۾ به سوڊيم جو ٿورو مقدار هوندو آهي ۽ جسم لاءِ ضروري آهي ته روزانو ڪجهه مقدار ۾ لوڻ استعمال ڪجي.

ان سان پٺن کي سڪون ملي ٿو جڏهن ته جسم جي اندر پاڻي ۽ معدنيات جو توازن برقرار رهندو آهي.

پر اسان جي جسم کي روز لوڻ جي تمام گھٽ مقدار جي ضرورت آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن هڪ ڏينهن ۾ 5 گرام (هڪ چمچو) لوڻ جي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو.

جيڪڏهن توهان تمام گهڻو لوڻ استعمال ڪندا آهيو ته هيٺ مختصر مدي وارا اثر جسم تي ٿي سگهن ٿا.

پيٽ ڦوڪجڻ

ٿورڙي عرصي ۾ تمام گهڻو لوڻ کائڻ سان پيٽ ڦوڪجي ٿو.

لوڻ جسم ۾ پاڻي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو، تنهنڪري لوڻ جو گھڻو مقدار استعمال ڪرڻ سان واڌو پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي جنهن سان پيٽ ڦوڪجندو آهي.

بلڊ پريشر وڌي ٿو

هاءِ بلڊ پريشر جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن مان هڪ غذا ۾ لوڻ جو گهڻو استعمال آهي.

بلڊ پريشر ۾ تبديلي بُڪين ذريعي ٿيندي آهي ۽ لوڻ جي گھڻي استعمال سبب بُڪين لاءِ جسم ۾ گڏ ٿيندڙ واڌو پاڻياٺ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بلڊ پريشر وڌندو آهي.

هٿن يا پيرن جي سوڄ

گهڻو لوڻ استعمال ڪرڻ سان هٿ، پير ۽ منهن سُڄي سگھي ٿو.

جيڪڏهن توهان جا هٿ ۽ پير اوچتو بنا ڪنهن سبب جي سُڄي وڃن ٿا ته پنهنجي غذا جو جائزو وٺو، ڇو جو اهو گهڻو لوڻ کائڻ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

گهڻي اُڃ لڳڻ

جيڪڏهن اوهان کي گھڻي اُڃ لڳي ٿي ته اها به غذا ۾ گھڻي لوڻ جي استعمال جي علامت ٿي سگھي ٿي.

جڏهن اوهان گھڻو لوڻ استعمال ڪندا آهيو ته جسم سيلز مان پاڻي کي ڇڪي وٺندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گھڻي اُڃ لڳندي آهي، ڇو جو جسم ڊي هائڊريٽ جو شڪار ٿي ويندو آهي.

هر هر باٿ روم وڃڻ

جڏهن گھڻي اُڃ لڳندي آهي ته پاڻي به گھڻو پيئڻو پوندو آهي جنهن جو نتيجو هر هر باٿ روم وڃڻ جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

جسماني وزن وڌائڻ

جسم ۾ وڌيڪ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب جسم جو وزن به وڌڻ لڳندو آهي.

جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن اندر جسم جي وزن ۾ نمايان اضافو ٿئي ٿو، ته اهو پڻ لوڻ جي گهڻي مقدار جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.

ننڊ متاثرٿيڻ

لوڻ جو گهڻو استعمال پڻ ننڊ کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

لوڻ جو وڌيڪ استعمال مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو جهڙوڪ هر هر ننڊ ڦٽڻ، جاڳڻ يا بي آرام ننڊ.

ڪمزوري محسوس ٿيڻ

جڏهن رت ۾ لوڻ جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي ته پاڻي سيلن مان ٻاهر نڪري ويندو آهي ته جيئن لوڻ جي مقدار گهٽجي وڃي.

ائين ٿيڻ سان معمول کان وڌيڪ ڪمزوري جو احساس آهي.

هاضمي جي نظام ۾ خرابي

گھڻي لوڻ جي استعمال سان الٽي يا کولرا به ٿي سگھن ٿا.

ڊگھي مدي وارا اثر

مختصر مدي جي اثرن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، پر گهڻي عرصي تائين لوڻ جو استعمال دل جي عضون جي واڌ، مٿي جي سور، بُڪين جي بيماري، بُڪين ۾ پٿري، هڏن جي ڪمزوري ۽ فالج جو خطرو وڌائي ٿو.

نوٽ: هي مضمون طبي رسالن ۾ شايع ٿيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان سلسلي ۾ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.