بادام سٺا ۽ خالص آهن يا نه؟ پتو ڪيئن لڳائجي؟

گھڻا پاڪستاني گھرن ۾ صبح جي وقت ڪجهه بادام کائڻ عام ڳالهه آهي ڇو جو اهي انساني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذهن کي تيز ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن پر ڇا اوهان کي بادام جي معيار جو يقين آهي جيڪي اوهان روز کائيندا آهيو؟

اڄ اسان اوهان کي ڪجهه اهڙا طريقا ٻڌائينداسين جن تي غور ڪرڻ اپنائي اوهان ان خشڪ ميوي جي معيار بابت ڄاڻي سگھو ٿا.

ظاهري شڪل:

بادام جي معيار کي جاچڻ ڏانهن پهريون قدم ظاهر شڪل ۽ رنگ کي ڏسڻ آهي، سٺي ڪوالٽي جا بادام ڀورا ۽ بي داغ هوندا آهن.

جيڪڏهن اوهان کي ان جي رنگ ۾ فرق نظر نٿو اچي يعني ڪٿان رنگ تيز ڪٿان هلڪو يا جيڪڏهن بادام ڪارا نظر اچن ٿا ته اهو معيار جي مسئلي ڏانهن اشارو ٿي سگھي ٿو.

ذائقو ۽ خوشبوءِ:

بادام عام طور تي ذائقي ۾ مٺا ۽ ڪرنچي هوندا آهن، جيڪڏهن ذائقي ڪوڙاڻ هجي يا چٻاڙڻ ۾ نرم هجن ته بادام کي ڇڏي ڏيڻ ئي بهتر آهي ڇو جو اهو ڪجهه ڪيميڪلز جهڙوڪ فائٽڪ ايسڊ جي موجودگي جي نشاندگي ڪري ٿو جيڪو بادام جي ٻاهرين تهه ۾ قدرتي زهر هوند آهي، اعليٰ قسم جا بادام تازا، مٺا ۽ ڪرنچي هوندا آهن.

جيڪڏهن بادام ما بوءِ اچي ته سمجهي سمجهي وٺو ته اهي کائڻ جهڙا نه آهن.

پاڻي جي ٽيسٽ:

بادامن کي پاڻي جي پيالي ۾ رکو، جيڪڏهن سٺي ڪوالٽي جا بادام هوندا ته اُهي پاڻي ۾ ٻڏي ويندا، بادام کي تري تائين ٻڏي وڃڻ گھرجي ڇو جو اُهي وزني هوندا آهن، جيڪڏهن بادام ترندا رهن ته سمجهي وٺو ته ميوو پراڻو ٿي چڪو آهي يا وري خراب آهي.

بادام خريد ڪرڻ وقت ڪهڙي شيءِ جو خيال رکڻ گھرجي؟

بادام وٺڻ وقت ڪهڙي شيءِ جو خيال رکڻ گھرجي؟

بادام خريد ڪرڻ وقت اهو ضرور ڏسو ته ان تي ڪنهن قسم جا نشان ته نه آهن خاص ڪري ڪارا داغ، بادام خريد ڪرڻ کان اڳ سدائين ٻاهريون تههه چيڪ ڪريو ۽ اهڙا بادام خريد ڪرڻ کان پاسو ڪريو جن تي ڪارا داغ هجن ڇو جو اهي خراب معيار جي نشاندهي ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.