ڊينگي کان پوءِ مڪمل صحتيابي لاءِ هي شيون کائو

ڊينگي بخار کان پوءِ جسماني ڪمزوري عام آهي ان ڪري صحت جو خيال رکڻ گھڻو اهم آهي. ڊينگي بخار کان پوءِ جسم ۾ سور، ڪمزوري، ڪمزور هڏا ۽ پٺن ۾ سور جهڙي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

انهن اثرن کي جلد ختم ڪرڻ ۽ صحت جي بحالي کي ممڪن بڻائڻ به اهم آهي.

طبي ماهرن ڊينگي مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ميون جي استعمال تي گھڻو زور ڏيندا آهن.

هيٺ ٻڌايل غذائون انساني صحت کي بحال ڪرڻ ۾ گھڻيون فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿيون.

طاقت ۽ غذائيت سان ڀرپور شربت

ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ ضروري آهي ته انهن شربتن جو استعمال ڪيو وڃي جيڪي جسم کي هائڊريٽ رکن.

ناري جو پاڻي ۽ فروٽن جا قدرتي جوس ان لاءِ بهترين چونڊ آهن.

پروٽين جو مقدار

ڊينگي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ان جي اثر انساني جسم کي متاثر ڪندا آهن.

ان ڪري ضروري آهي ته پروٽين جي مقدار ۾ اضافو ڪيو وڃي. پنهنجي خوراڪ ۾ مڱن جي دال، نارنگي ۽ گھر ۾ تيار ڪيل گھٽ چرٻي وارو پنير پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪريو.

ان مان ٺهيل شيون

ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ داليون، ڪَڇُ، چانور ۽ اوٽس جهڙيون ان مان ٺهيل شين کي پنهنجي خوراڪ جو حصو لازمي بڻايو.

اهي انساني جسم ۾ قوت مدافعت کي بهتر ڪندي ڊينگي مان تيزي سان صحتياب ڪنديون آهن.

فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ

ڊينگي مان صحتيابي کان پوءِ فولڪ ايسڊ ۽ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ کائو.

ڪيوي، ڏاڙهون، بروڪلي ۽ پالڪ وٽامن سان ڀرپور خوراڪ آهن، اهي غذائون واڌ ويجه فراهم ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.