پيٽ ۾ ميٿين گيس ٺهي ويندي، ڦوڪجي ويندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻو کائڻ يا تيزي سان کائڻ جي نتيجي ۾ پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي يا ائين چئجي ته سچي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي.

پر ائين ڇو ٿيندو آهي ۽ ان سان ڪهڙا مرض ٿي سگهن ٿا؟ ان حوالي سان ڄاڻي مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن اوهان هٿرادو مٺاڻ يا ڊائيٽ ڪولڊ درنڪس کي پسند ڪندا آهيو ته اوهان جو پيٽ ضرور ڦوڪجي ويندو.

اهڙي مٺاڻ ۾ شامل ٿيل ڪيميڪل ننڍي آنڊي ۾ جذب ناهي ٿيندو ۽ اوهان جي وڏي آنڊي تائين پهچي ويندو آهي جتي اهو بيڪٽيريا جي نتيجي ۾ پکڙجي ويندو آهي ۽ پيٽ ۾ گيس پيدا ٿي ويندي آهي. اهڙي ريت وڌيڪ کنڊ به معدي ۾ هاڃيڪار بيڪٽيريا وڌائيندي آهي جنهن سان گيس پيدا ٿيندي آهي.

گوبي، بند گوبي يا ٻيون ڀاڄيون ڪينسر خلاف مزاحمت ڪندڙ شين سان ڀرپور هونديون آهن پر انهن ۾ موجود نشاستو جسم لاءِ هضم ڪرڻ سولو ناهي هوندو ۽ وڏي آنڊي ۾ اهو ميٿين گيس جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته گوبي کائڻ ڇڏي ڏجي پر رڳو گهڻي مقدار ۾ کائڻ کان پاسو ڪجي، جڏهن ته ليمي جو عرق وجهڻ سان اها جلد هضم ٿي ويندي آهي.

سوڄ گهٽائيندڙ دوائون، مثال طور جوڙن جي سور ۾ گهٽتائي آڻيندڙ گوريون به آنڊن ۾ مسئلن جو سبب بڻجي پيٽ کي ڦوڪين ٿيون، جيڪڏهن ائين ٿئي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪري متبادل دوا وٺڻ لاءِ مشورو ڪريو.

اڪثر ورزش بعد ماڻهو اسپورٽس يا انرجي ڊرنڪس کي استعمال ڪندا آهن جنهن سان پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي ۽ ائين ان ڪري ٿيندو آهي ڇو ته ان ۾ کنڊ ۽ مٺاڻ هوندي آهي.

ان کان بچڻ لاءِ انهن شربتن جو استعمال نه ڪريو پر ڪيلا کائو يا پاڻي پيئڻ کي ترجيح ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.